ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ۾ معمولي تڪرار تي فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ پنج زخمي ٿي پيا.واقعو ايم پي آر ڪالوني جي ويجهو پيش آيو. واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن جي وڏي نفري به واقعي واري هنڌ پهچي وئي. فوت ٿيل جي لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين جي حالت نازڪ آهي. واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جن کي جلد حراست ۾ ورتو ويندو.










