ڪاموري نسل جون ٻڪريون ڊالر ڪمائڻ جو ذريعو، حڪومت مالڪي ڪري

نوابشاهه(رپورٽ : اي ڪي ڏاھري ) شھيدبينظيرآباد جي تعلقي قاضي احمد اندر ڪامون گاھ کائيندڙ ڀلوڙ نسل رکندڙ ڪاموري ٻڪري جي پالنا، سار سنڀال لهڻ لاء سرڪاري  سطح تي ڪو به ادارو نه هجڻ باوجود  ڄاڻايل نسل جي ٻڪرين جي واڌ ويجھه ۽ شوق وڌي  رهيو آھي. اهڙي ئي ڀلوڙ نسل ڪاموري ٻڪري جي مرڪز قاضي احمد لڳ ڳوٺ پڊ شريف رهواسي سيد بشير احمد شاھ ، حاجي عبدالرحمان ڪٻر، محمد صالح ڪٻر ، محب الله جوڻو ۽ سيد محمد شاهه سميت ٻين مالوند شوقينن وٽ ڪاموري نسل جون سوين ٻڪريون آھن. ڪاموري ٻڪري  ۾ ارڏي ، سورٺ، مٺڙي، مگر، نانگڻ، خانسر، نيل، لُنگي، پري، پوپري، باڪس يا تيلي جي نالن سان سڏيون ويندڙ ٻڪريون سندن وٽ آھن. هنن جو چوڻ آهي ته ڪاموري ٻڪري سنڌ جي ثقافت جو اهڃاڻ آهن.

ڄاڻايل نسل جي ڪاموري ٻڪري جو فر هڪ لک کان ڏھ لک روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آھي. هن نسل جي ٻڪرين جي پالنا، واڌ ويجھه ۽ سار سنڀال لهڻ لاء سرڪاري طور تي دادو ضلع جي خدا آباد مسجد وٽ هڪ فارم ته جوڙيل آھي پر قاضي احمد تعلقي اندر جتي هن  نسل جون وڏي انگ ۾ ڪاموريون  ٻڪريون ڌاريون وڃن پيون اتي ڪو به اهڙو ادارو  ناهي. سنڌ جي چوپائي مال جي وزارت هن ڀلوڙ نسل جي ڪاموري ٻڪري جي پالنا، واڌ ويجھه، ٻج تيار ڪرڻ سميت مالوندن جي شوق کي وڌيڪ هٿي نه وٺرائڻ سبب ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي ڪاموري ٻڪري جو نسل گهٽجي وڃي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪاموري نسل جون ٻڪريون عرب ملڪن ڏانهن وڪرو ڪري ملڪي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو هن نسل جي ٻڪري کي غريب جي ڳئون  به سڏيو وڃي ٿو . هنن جي شڪل شبيهه ڪافي خوبصورت آهي، قد آور ٿين ٿيون ۽ سندن ڪن تمام وڏا ٿين ٿا.

هي ٻڪريون اڳ ۾ دريائي ڪنارن کان وٺي سموري سنڌ ۾ ملي ٿي خاص طور نواب شاهه ، سانگهڙ ، نوشھروفيروز، دادو ، ٺٽو، ڪراچي سميت ٻين علائقن ۾ هن جو نسل موجود آھي. هن ۾ ڪراس نسل جون ٻڪريون به آهن پر ان لاءِ ڪاموري ٻڪري جو نسل ماءُ جي طرفان ڪاموري هجڻ لازمي آھي هن نسل جي ٻڪري صرف ڪامون گاھ کائيندي آھي.  ڪاموري ٻڪري جو شوق رکندڙ مالوند سيد بشير احمد شاھ ٻڌايو ته مون وٽ هن نسل جون 15 ٻڪريون آھن جنهن جي ماليت لکين روپيا آھي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته روزانو ٻڪريون خوراڪ ۾ جوئر، چوڪر، چڻو ، ڪتل، پاپڙو ۽ ڪامون گاھ کائين ٿيون. هنن ٻڪرين جي سنڀال لاءِ 2 خدمت گار مقرر ڪيل آھن. ڪاموري ٻڪري جي جسم کي ڪپڙي سان مهٽ ڪئي وڃي ٿي ته جيئن کيس چچڙ نه لڳي. هي ٻڪري کير 3 ڪلو تائين ڏئي ٿي، گاهه ڪنڌ هيٺ ڪري نه کائينديون آهن، گوڏا کوڙي يا ڪنڌ مٿي ڪري گاهه کائينديون آهن. هڪ ٻئي شوقين مالوند سيد محمد شاهه ٻڌايو ته هڪ سوُ سال کان خانداني طور هن نسل جي ڪاموري ٻڪري جي پالنا ڪندا پيا اچون، جنهن وقت ٻڪري بيمار ٿي پوندي آھي ته ان وقت اسان به بيمار ٿي پوندا آھيون. 200کان وڌيڪ ڪامورين ٻڪريون رکندڙ مالوند حاجي عبدالرحمان ڪٻر ٻڌايو ته  حڪومتي سطح تي تعلقي قاضي احمد ۾ نمائش نه لڳائي وئي آھي مشرف واري دور ۾ ھڪ ڀيرو ڪچي جي علائقي سکپور ۾ ڀلوڙ  جانورن جي نمائش رکي وئي هئي جنهن بعد وري ڪنهن پڇا به ناهي ڪئي.  هن ٻڌايو ته سوين ٻڪريون عرب ملڪن ۾ وڪرو ڪيون آھن حڪومتي سطح تي سرپرستي هجي ته هن نسل جي  ٻڪرين مان ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهون ٿا.

هنن وس وارن اختيارين کان گهر ڪئي آھي ته ڪاموري نسل جي ٻڪرين لاءِ قاضي احمد تعلقي  اندر ڪو ادارو قائم ڪري سرڪاري سطح تي نمائشون لڳرائي ڀلوڙ نسل جون ٻڪريون رکندڙ شوقين ۽ مالوند ماڻھن کي ايوارڊ ڏئي سندن حوصلا افزائي ڪئي وڃي. ڪاموري ٻڪري بابت سينيئر وٽنري آفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفي سومرو ٻڌايو ته هن نسل جي ٻڪري ۾ اڪثر پتي جي بيماري، ڦڦڙي، ٺڪاڻ يا ڪارو واءُ نالي بيماريون لڳن ٿيون جنهن لاء سندن بچاءَ لاء ويڪسين ڪرڻ لازمي آھي هن نسل جي ٻڪري صرف ڪامون گاھ کائيندي آهي جيڪو گاهه ٻيو جانور نه کائيندو آھي. ڪاموري ٻڪري جي سنڌ جي مختلف علائقن ڀٽ شاهه، سرڪارپير، غلام نبي شاهه ,ڇتن شاهه سميت ٻين علائقن ڳوٺن ۾ مالوند ماڻھن پاران پنهنجي طور لڳندڙ نمائش تي ٻڪريون ڪاهي شوق پورو ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو