ڪاري پاڻيءَ وٺي وڃو يا گوانتانامو، مسلم ليگ ڊڄڻ واري ناهي،نواز

لاهور (ڊيسڪ نيوز) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف کي چوڌري شگر ملزم ريفرنس ۾ نيب اختيارين احتساب عدالت لاهور ۾ پيش ڪيو. عدالت ۾ پيشيءَ دوران روسٽرم تي اچي بيان ڏيندي ميان نواز شريف چيو ته اڄ صبح نيب جا ماڻهو آيا، مون کين چيو ته منهنجو پنهنجي وڪيل سان رابطو ناهي ٿيو، جيڪي الزام لڳايا ويا آهن اهي پڙهيا اٿم. صرف ايترو چوڻ ٿو چاهيان ته اسان جي خاندان وٽ 1937 کان 1971 تائين پيسو ڪاروبار جي نتيجي ۾ آيو منهنجو پيءُ ڪاروباري ماڻهو هو ۽ اسانجو انهن وقتن ۾ اسٽيل جو ڪاروبار هيو. ان وقت جي حڪومت سمورا ادارا قومي تحويل ۾ ورتا ته اسانجون ملون به قبضي ۾ ورتيون ويون. نواز شريف چيو ته ”مونکي ٻڌايو ته ڪرپشن ڪٿي ٿي آهي، مان هن ملڪ ۾ وزير به رهيو آهيان ۽ ٽي ڀيرا وزيراعظم به ٿيو آهيان، پنج ڀيرا وزارت ۾ هجڻ باوجود مون پاران ٿيل هڪ روپئي جي به ڪرپشن ڏيکاريو ته مان سياست ڇڏي ڏيندس. مان سياست ۾ ته گهڻو پوءِ آيس. اثاثا پهريان جا ٺهيل آهن. ان ۾ هيٺ مٿاهين ڪٿي آهي. هيءَ نيب مون لاءِ ٺاهي وئي آهي. اُها مشرف پاران صرف مون لاءِ ٺاهي وئي. نيب ڪارو قانون آهي جيڪو صرف مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۽ ڪارڪنن خلاف استعمال ٿيندي آهي. اڳوڻي وزيراعظم اهو پڻ چيو ته مان ته جيل ۾ آهيان پوءِ به منهنجي ايتري مخالفت ٿي رهي آهي. هي مونکي ڪاري پاڻيءَ وٺي وڃڻ چاهن ٿا. نيب مونکي گوانتانامو بي وٺي وڃڻ چاهي ٿي. سندن اهڙي خيال جي ڪري مسلم ليگ (ن) ڊڄي ويندي اها سندن ڀُل آهي. هن چيو ته نواز شريف نه اڳ ۾ جهڪيو هو نه هاڻي جهڪندو. هن جي بيان بعد نيب پراسيڪيوٽر ۽ نوازشريف جي وڪيل دليل ڏنا. احتساب عدالت بعد ۾ نواز شريف کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو. جڏهن ته عدالت ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان مختصر ۽ غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ميان نواز شريف مولانا فضل الرحمان جي پارٽيءَ پاران رٿيل آزادي مارچ جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته اسان مولانا فضل الرحمان جي موقف کي پنهنجو موقف سمجهئون ٿا ان لاءِ سندس مڪمل حمايت ڪيان ٿو. نواز شريف چيو ته مولانا فضل الرحمان 2018 وارين عام چونڊن بعد استيعفائون ڏيڻ ۽ احتجاج ڪرڻ جو موقف رکيو پر اسان استيعفائون نه ڏنيون سين مان سمجهان ٿو ته مولانا جي ڳالهه ۾ ان وقت به وزن هيو ۽ اڄ مولانا جي ڳالهه کي رد ڪرڻ بلڪل غلط هوندو. مان احتجاج ڪرڻ بابت مولانا جي جذبي کي ساراهه جي نظر سان ڏسان ٿو. جڏهن ته ميان نواز شريف جي عدالت ۾ پيشيءَ وقت پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا ڪارڪن پوليس جون رڪاوٽون ٽوڙي عدالت اندر پهتا جتي رش ۽ ڌڪن اچڻ سبب نواز ليگ جو مرڪزي اڳواڻ طلال چوڌري ٿاٻڙجي ڪري پيو ۽ ڪارڪنن نعريبازي پڻ ڪئي. جڏهن ته لاهور ۾ پارٽيءَ جي ڪارڪنن رستن تي ٽائر ساري احتجاج پڻ ڪيو. ميان نوازشريف کي هاڻي 25 آڪٽوبر تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.  

پهنجو تبصرو موڪليو