ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ هٿان ڀيڻ قتل، جوابدار گرفتار

سکر (جيئرام داس) پنو عاقل ڀرسان ڳوٺ ڏاتر جتوئيءَ ۾ جوابدار رقيب جتوئي پنهنجي ڀيڻ نوازي جتوئيءَ کي پنهنجي برادريءَ جي نوجوان گلشير جتوئيءَ سان ڪارنهن جو الزام مڙهي گهٽا ڏئي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ فرار ٿي ويو. اطلاع تي سانگي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جوابدار ڀيڻ تي ڪارنهن جو الزام مڙهڻ بعد زهر ڏنو ۽ بعد ۾ گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدار کان وڌيڪ پُڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو