ڪئنال متاثرن جي بحالي لاءِ حڪومت فنڊ مهيا ڪندي؛ ناصر شاهه

سکر (امداد علي ڪلوڙ) ڪمشنر سکر آفيس ۾ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر جي سربراهي ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن دوران سکر جي مختلف ڪئنالن تان حددخليون هٽائڻ لاءِ جاري آپريشن ۾ متاثر ٿيندڙن جي ٻيهر آبادڪاري ۽ کين سهولتون ڏيڻ جي سلسلي ۾ ڪوششون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ ۽ ايس ايس پي سکر عرفان سمون سميت آبپاشي، روينيو، ميونسپل ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڳالهائيندي سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سکر سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به ڪئنالن تان حددخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سکر جي ڪئنال متاثرن جي ٻيهر آبادڪاري لاءِ تڪڙا اُپاءَ ورتا ويندا ۽ سنڌ حڪومت کان فنڊ ورتا ويندا ته جيئن ڪئنال متاثرن جي نئين آبادي ۾ سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به بي گهر نه ڇڏيو ويندو سڀني حقدارن کي متبادل پلاٽ ڏئي آباد ڪيو ويندو ۽ ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو