ڦل ۾ ناري ڪارنهن تهمت مڙهي قتل، جوابدار گرفتار

ڦل (ن س) ڦل ڀرسان ڳوٺ سوڀو رند ۾ نوجوان ناري ڪارنهن تهمت مڙهي قتل، جوابدار گرفتار ٿي ويو،ڳوٺ سوڀو رند ۾ ناري حضوران کي پنهنجي مامي مبينا ڪارنهن تهمت مڙهي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو،حرمت لغاري جو چوڻ آهي ته ناري حضوران لغاري کي مامي شير لغاري ڪارنهن تهمت مڙهي گهٽا ڏئي قتل ڪيو،پوليس جوابدار شير لغاري کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، ناري جو لاش نوشهروفيروز اسپتال منتقل ڪيو ويو،جوابدار شير لغاري اعتراف ڪندي چيو ته ڀاڻيجي کي کوسو ذات جي نوجوان سان ڪاري ڪري قتل ڪيو، ڪو افسوس ناهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو