ڦر ٿيل 3 ٽريڪٽر واپس نه ٿيا، متاثرن جو احتجاج

مورو (اياز سولنگي) ٽريڪٽر ٽرالين سميت ٻيون گاڏيون ٻه سال گذرڻ باوجود واپس نه ٿيڻ خلاف متاثرين مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد غلام مصطفيٰ سولنگي، محمد اسماعيل ٻرڙو، لياقت علي وڳڻ ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ٻه سال اڳ مورو شھر مان ٽريڪٽر ڦرون ڪندڙ گروھ جيڪو سليٽي ڪلر جي ڪار ۾ سوار هئا جنھن مان پھرين واردات ٽول پلازہ وٽ ھٿيار بند ميسي ٽريڪٽر ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏھن تي ٻي واردات ساڳي جوابدارن طارق پمپ وٽ اسماعيل ٻرڙو کي تشدد جو نشانو بڻائي ٽريڪٽر ڦر ڪري فرار ٿي ويا. جڏھن ته ڌيرڻ وٽ لياقت علي وڳڻ کي تشدد ڪري سندس کان ٽريڪٽر ڦر ڪري فرار ٿي ويا اھڙي واقعن جو مورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايا ويا آھن پر مورو پوليس ٻه سال گذرڻ باوجود ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ٺلھا دلاسا ڏئي مايوس ڪيو ويو آھي. ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽريڪٽر قسطن تي وٺي مزدوري ڪري رھيا هئاسين ظالمن اسان کان ٻچن جي روزي کسي ورتي آھي جنھن سبب اسان سخت پريشاني ۾ ورتل آھيون. ھنن سنڌ ھاٰءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته نوٽيس وٺي ڦريل ٽريڪٽر واپس ڏياريا وڃن ٻي صورت ۾ مورو پريس ڪلب آڏو مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو