ڏيڍ مهينو اڳ گم ٿيل نوجوان جو ڏس پتو نه پيو

نوابشاهه (ن س) منھڙو ڀرسان ڳوٺ ڇٽو خان جمالي جو رھواسي 30سالا نوجوان خادم حسين جمالي ڏيڍ مهيني کان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ. نوجوان جي وڏي ڀاءُ حاڪم علي جمالي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جو ڀاءُ ڏيڍ مهينو اڳ سکر مزدوري لاءِ نڪتو هو جيڪو هن مهل تائين واپس ناهي ٿيو اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناھي مٽن مائٽن وٽان ڪافي ڳولا باوجود اسان جي نوجوان جو ڪو به ڏس پتو نه ملي سگھيو آهي ھاڻي اسان کي شڪ آهي ته اسان جي نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي. وس وارن کان اسان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جي نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو