ڍورو نارو ۾ خودڪشي ڪندڙ فوت، ڪشمور مان لاش هٿ

عمرڪوٽ/ ڪشمور(نمائندن وٽان) ڍورونارو لڳ ڳوٺ ساڍر ۾ گذريل ڏينھن پاڻ تي پسٽل جا فائر ڪري سخت زخمي ٿيندڙ  نوجوان مجيب ولد عنايت الله آريسر حيدرآباد جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي گذاري ويو. هن گهرو اڻبڻت سبب خود ڪشي ڪئي هئي.*** ڪشمور مان جي ايم کوسو  موجب اڏيو واھ مان  40 ورهين جي شاھ محمد مزاري جو لاش هٿ آيو آهي، اطلاع تي ڪشمور پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال پهچايو جتي وڏي تعداد ۾ مزاري برادري جا ماڻهون پهتا، ڊاڪٽرن موجب پوسٽ مارٽم بعد اصل حقيقت سامهون ايندي وارثن شڪ ظاهر ڪيو آهي ته اسان جي نوجوان کي ڪنهن قتل ڪيو آهي واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو