ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ مخالف ڌر جي جماعت بنگلاديش نيشنل پارٽي يعني بي اين پي ۽ اتحادين پاران ڇنڇر تي به احتجاج جاري آهي ۽ پوليس سان چڪرين ۾ ڪيترائي ڪارڪن ۽ اهلڪار زخمي ٿيا آهن. شهر جي مختلف چوڪ چوراهن تي ٽريفڪ معطل آهي ۽ مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪري رهيا آهن ۽ جواب ۾ پوليس ڳوڙها گيس ۽ رٻڙ جون گوليون هلائي رهي آهي. مظاهرين جو مطالبو آهي ته وزيراعظم حسينا واجد ايندڙ سال جنوري ۾ ٿيندڙ چونڊن کان اڳ استعيفيٰ ڏئي ۽ نگران حڪومت قائم ڪئي وڃي جيڪا چونڊ ڪرائي. گذريل ڏينهن جمعي تي به پرتشدد واقعن ۾ ڪيترائي اهلڪار ۽ ڪارڪن زخمي ٿيا هئا جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو هو. پوليس سوين ڪارڪنن کي گرفتار به ڪيو آهي.
