ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف احتجاج

سکر(جئيرام داس )عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ ورھائڻ واري سازش خلاف قاسم پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو ، ريليءَ ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ سجاگ ٻار تحريڪ جا ڪارڪن  به شريڪ ٿيا ، مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙ نور احمد ڪاتيار ، سيما ڪلوڙ ،ريحانا بلوچ ، مھراڻ سنڌي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سنڌ خلاف ڪنھن به سازش کي ڪامياب ڪرڻ نه ڏينداسين سنڌ دشمن قوتون جي مسلسل سازشن تحت سنڌ ۾ ڌارين کي آبادڪري سنڌين کي پنھنجي ئي ڌرتي تي اقليتن ۾ تبديل ڪرڻ جي منظم  سازش ٿي رهي آهي جنھن کي عوامي تحريڪ ڪھڙي به صورت ۾ ڪامياب ڪرڻ نه ڏيندي ھنن چيو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، ھنن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي نيڪالي ڏئي ڪراچي ڪاميٽي کي رد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو وسيع ڪري تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو