ڊي سي جي صدارت ھيٺ سارين تي پابندي لاءِ اجلاس

نوشھروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ)ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز ڪيپٽن ريٽارئرڊ بلال شاھد راؤ  جي صدارت ھيٺ سارين جي فصل تي پابندي تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ ضلعي ڪاميٽي جي اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ آبپاشي جي ايڪسين طارق احمد،احمد خان ڪيپوٽو،عطامحمد،اي اي اين ٽيوب ويل ڊويزن اميد علي چنه ، زراعت کاتي جي الطاف حسين، سنڌ آبادگار بورڊ جي اشفاق احمد تگر،ڪاشف مصطفي ٻوھيو،پوليس کاتي جي محمد سليم جلباڻي، اعجاز احمد ميمڻ ، سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.ڊپٽي ڪمشنر چيو تھ سنڌ حڪومت سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪناري واري علائقن ۾ سارين جي فصل پوکڻ تي پابندي لڳائي آھي. ان پابندي تي عمل ڪرائڻ لاءِ تعلقي سطح تي ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آھن. ڪاميٽي جي اڳوائي تعلقي جو اسسٽنٽ ڪمشنر ڪندو ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پابندي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪن. جتي نرسريون لڳل ھجن انھن کي اسپري يا ٽريڪٽر ذريعي فوري طور ختم ڪيو وڃي، جڏھن تي پابندي تي عمل نه ڪندڙ آبادگارن خلاف ڪيس داخل ڪرايا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي ۾ ٻن ڏينھن اندر ڀرپور آپريشن ڪرڻ لاءِ شيڊول جاري ڪيو وڃي جنھن لاءِ گھربل سيڪورٽي فراھم ڪئي ويندي.ان موقعي تي سنڌ آبادگار بورڊ جي ممبرن کي اپيل ڪئي تھ ھو آبادگارن کي پابندي بابت ڄاڻ ڏين ۽ انھن کي سمجائين ته سارين جي بجائي اھڙا فصل پوکين جيڪي گھٽ پاڻي تي پچي سگھن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو