اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي خلاف ايم پي او جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو.پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ايم پي او آرڊر خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ان حوالي سان ڊي سي اسلام آباد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪيو.عدالت پرويز الاهي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته جنهن ايف آءِ آر ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي ان جو نمبر لکيو وڃي.
