ڊي اي او جا مختلف اسڪولن جا دوران، امتحانن جو جائزو

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو تعليم کاتي جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سرور علي ٻٻر ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر محمد عثمان منگي جا سالياني امتحان 2020-2021 جي پرائمري امتحان ڪلاس پنجين ۽ چوٿين جي ھلندڙ پيپرن جو جائزو وٺندي ضلعي جي مختلف اسڪولن جا دورا ڪيا جنھن ۾ گورنميٽ گرلس پرائمري اسڪول ميمڻ محله گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بي اينڊ آر ڪالوني سميت مختلف اسڪولن وزٽ ڪيا ڊي او پرائمري سرور علي ٻٻر طرفان شاگردن کان  پڙھيل ڪورس مان سوال پڇيا جواب ڏيندڙ ھوشيار شاگردن جي حوصلاافزائي لاء انھن کي ڪيش پرائز پڻ ڏنا ڊي او پرائمري استادن کي چيو ته ڪرونا وباء سبب ڪافي عرصو اسڪول بند رھيا آھن شاگردن جي تعليم تمام گھڻي متاثر ٿي آھي استاد وڌ کان وڌ شآگردن تي محنت ڪن ته جيئن تعليم جي ٿيل نقصان جو خال ڀري سگھون ايس او پيز جو اسڪولن ۾ وڌ کان وڌ خيال رکيو وڃي استاد ڪرونا کان بچاء واري ويڪسين لڳرائن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو