ڊي آءِ خان ۾ ڌماڪو، روڊ ٽريفڪ لاءِ بند،فورسز جو آپريشن جاري

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي هٿله ۾ ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو آهي.پوليس موجب ڌماڪي کانپوءِ ٽئنڪ ڊيرا روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي.ڌماڪي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا فوري طور تي اطلاع ناهن مليا ۽ نه ئي ان جي نوعيت جو اندازو ٿي سگهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو