ڊسڪه چونڊ پي ٽي آءِ جي درخواست سپريم ڪورٽ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (رپوٽ الله وسايو گهوٽو) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ڊسڪه ۾ ٻيهر چونڊ ته ٿيندي پر طئي اهو ڪرڻو آهي ته چونڊ ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي ٿئي يا پوري تڪ ۾ ٿئي. سپريم ڪورٽ اين اي 75 ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.عدالت تحريڪ انصاف جي اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد  ڪري ڇڏي آهي. جسٽس عمر عطا بنديال  چيو آهي ته اليڪشن ته ٿيندي پر اسان معاملي کي ٻڌنداسين. اليڪشن ڪميشن جو احترام ڪريون ٿا. هي هڪ آئيني ادارو آهي. اسان اهڙي طرح جا ڪيس ڊسمس ناهيون ڪندا. اليڪشن ڪميشن پنهنجو جواب جواب جمع ڪرايو آهي اهو ڏسي ٿا وٺون. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جا حڪم ائين ئي معطل نه ڪنداسين. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ معاملي جي ٻڌڻي ڪئي.اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ(ن) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجو پنهنجو لکت ۾ جواب  عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته ضلعي انتظاميه امن امان جي صورتحال ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ضلعي انتظاميه جي ناڪامي سبب چونڊ واري ڏينهن سنگين تشدد جا واقعا ڏسڻ ۾ آيا. جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن امن امان کي نظر ۾ رکندي ڊسڪه ۾ سمورين مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ڪري رهي هئي.مسلم ليگ(ن) جي اميدوار نوشين افتخار پنهنجي جواب ۾ چيو ته 20 پريزائيڊنگ آفيسرن جو غائب ٿيڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي. تڪ جي عوام کي حق استعمال ڪرڻ کان روڪيو ويو ان ڪري عوام کي ووٽ وجهڻ کان روڪڻ غير جمهوري عمل آهي. لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو تڪ ۾ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو صحيح آهي.تحريڪ انصاف جي اميدوار علي امجد ملهي لکت ۾ جواب ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جو موقف صحيح ناهي. پولنگ اسٽيشنن تي بدمزگي جو ذميوار انتظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي چوڻ غلط عمل آهي. امجد ملهي پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن بنا جاچ جي پنهنجو فيصلو ٻڌايو. مقامي ماڻهن کي ووٽ نه ڏيڻ جو موقف به غلط آهي. جنهن 54 پولنگ اسٽيشنن تان شڪايتون مليون هيون اتي ڪوبه امن امان جو مسئلو نه هو.ان تي عدالت چيو ته اسان ٻئي طرف جو موقف ٻڌڻ کان سواءِ فيصلو نٿا ڪري سگهون. ان ڪري اميدوار تياري مڪمل ڪن. ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جلد فيصلو ڏيندي. جنهن کان پوءِ عدالت تحريڪ انصاف جي وڪيل جي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو