ڊرينيج سسٽم نه هجڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

عادلپور (رپورٽ اسلم مھر) عادلپور جي ڳوٺ امام بخش گبول ۾ ڪيترين ئي سالن کان ڊرينيج سسٽم نه هجڻ ۽ ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ تي ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي ڳوٺاڻن امتياز علي گبول اصغر علي گبول ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عادلپور جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن پر ڳوٺ امام بخش گبول کي نظر انداز ڪري ڳوٺ ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آهي ڊرينيج سسٽم نه هجڻ ڪري گٽين ۽ رستن تي پاڻي تلاهن جي سورت ۾ بيهڻ معمول بڻيل آهي ڳوٺاڻا پاڻيءَ مان گذر تي مجبور بڻيل آهن ڳوٺاڻن وڌيڪ ٻڌايو ته ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي بنگلن تي ڪيترن ئي سالن کان چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر صرف آسرا ڏيندا رهن ٿا هن مهل تائين ڳوٺ ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿي سگھيو آهي ڳوٺاڻن سردار محمد بخش خان مهر ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ امام بخش گبول ۾ ڊرينيج سسٽم سان گڏ ترقياتي ڪم ڪرائي وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو