ڊاڪٽر ياسمين راشد جي جڊيشل رمانڊ ۾ 4 ڏينهن جي واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 4 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي.ڊاڪٽر ياسمين راشد کي جوڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ بعد دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر ياسمين راشد جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 4 ڏينهن جي واڌ ڪندي ڊاڪٽر ياسمين راشد کي 4 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ٻڌڻي دوران عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو