ڊائريڪٽر جي عهدن تي ڪم ڪندڙ واپس پٽيوالا ٿي ويا

ڪراچي(رپورٽ شهزادو مستوئي) ڪراچي جي ڊي ايم سي اولهه ۾ قُلي ، هيلپر ، ڪلارڪ، ڊرائيور ۽ نائب قاصد  سطح جا ملازم ڪيترن ئي سالن کان او پي ايس، ڊيپوٽيشن ۽ غير قانوني ترقين ذريعي 17 هين ۽ 18هين گريڊ جي وڏن عهدن تي مقرر هجڻ جو انڪشاف، مڪاني ادارن واري کاتي 32 ملازمن کي عهدن تان هٽائي ساڳين گريڊن ۾ رورٽ يعني واپس ڪري ڇڏيو آهي.

Official letter

ان ڏس ۾ جاري ڪيل ليٽر روزاني سنڌيار وٽ موجود آهي. ان حوالي سان مڪاني ادارن واري کاتي جي اختيارين خط لکي هدايت ڪئي آهي ته 11 گريڊ جو ڪمپيوٽر آپريٽر جاويد قمر  ڊي ايم سي اولهه ۾ 18 گريڊ جي ڊائريڪٽر واري پوسٽ تي ويٺل آهي، جڏهن ته 5 گريڊ جو ڊرائيور محمد عبدالخالق 18هين گريڊ جي ايجوڪيش آفيسر، صدر ٽائون ۾ 11هين گريڊ جو ڪلارڪ زاهد اقبال ڊي ايم سي ويسٽ ۾ 18 گريڊ جي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن،  سائٽ زون ويسٽ ۾ 11 هين گريڊ ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيل حاجي عبدالرزاق بلديه زون ۾ 16 هين گريڊ واري عهدي تي ڪم ڪري پيو، سائيٽ زون ۾ پمپ ڊرائيور طور 5 گريڊ ۾ ڀرتي ٿيل فهيم جمال 17 گريڊ جو ڊي ٽي او پارڪ طور مقرر ٿيل آهي. اورنگي زون ۾ 5 گريڊ ۾ ڀرتي ٿيل نيڪ محمد ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي 17 گريڊ واري عهدي تي ڪم ڪري پيو.

Official letter

اورنگي زون ۾ 5 گريڊ ۾ ڊرائيور طور ڀرتي ڪيل شڪيل احمد ساڳي ئي زون  ۾ 17 گريڊ ۾ چيف لائبريرين، گريڊ 2 جو چوڪيدار مرتضيٰ شيخ 11 گريڊ ۾ سينيئر ڪلارڪ، گريڊ 7 جو سب انسپيڪٽر حفيظ الرحمان 16 گريڊ واري پوسٽ، گريڊ 2 جو حافظ احمد 11 گريڊ جي سب انجنيئر،  گريڊ 2 جو طاهر نواز11 گريڊ جي سب انجنئير، گريڊ 2 جو مصطفيٰ مغل گريڊ 11 ۾ سپروائيزر، گريڊ 2 جو ثاقب ضياءَ گريڊ 11 ۾ سپروائيزر، گريڊ 2 جو هيلپر عبدالحميد 16 گريڊ جي اي ٽي او، گريڊ 7 جو ملازم عزيز احمد 17هين گريڊ واري پرچيزر واري اهم پوسٽ تي مقرر ٿيل آهي. 11 گريڊ جو اسٽينو ٽائپسٽ محمد ايوب اورنگي زون ۾ 17 گريڊ جي ايڊمنسٽريٽر آفيسر، هڪ گريڊ جو ٽريڪٽر ڪولي انيس احمد 16 گريڊ واري پوسٽ تي اورنگي زون ۾ مقرر ٿيل آهن. 16 گريڊ جو ڊي ڊي او عبدالخالق ايجوڪيشن شعبي جي 18 گريڊ واري پوسٽ تي، 11 گريڊ جو ڊي ايم سي سينٽرل جو ملازم عليم حنيف 17 گريڊ جي پوسٽ تي، 11 گريڊ جو ملازم نديم خان 17 گريڊ واري پوسٽ تي، 14 گريڊ جو انٽرنل آڊيٽر ڪريم مغل 17 گريڊ واري ڊسٽرڪٽ آفيسر واري پوسٽ تي مقرر ٿيل آهن. 11 گريڊ جو ملازم عمران علي ايجوڪيشن شعبي ۾ 16 گريڊ جي ايڇ ايس ٽي، 2 گريڊ جو هيلپر آفتاب عالم اي ٽي او مقرر ٿيل آهن. 2 گريڊ جو هيلپر زاهد عثماني اورنگي زون ۾ 14 گريڊ واري انسپيڪٽر جي پوسٽ تي، 5 گريڊ جو جونيئر ڪلارڪ عبيد خان سائيٽ زون ۾ 18 گريڊ جي ايڊمنسٽريٽر آفيسر جي پوسٽ تي، گريڊ 2 جو هيلپر محمد عارف گريڊ 11جي سب انسپيڪٽر، گريڊ 2 جو هيلپر اسليم شيخ 11 گريڊ واري عهدي تي سب انسپيڪٽر،  گريڊ 11جو پي ايس ٽي جاويد احمد 17 گريڊ واري عهدي تي آفيس سپرنٽينڊنٽ ۽  گريڊ 11جو ڪلارڪ عبيد قادر 18 گريڊ واري ڊي پي او جي پوسٽ تي غيرقانوني طور تي مقرر ٿيل آهن. مڪاني ادارن واري کاتي  جي اختيارين حڪم ڏنو آهي ته ڄاڻايل ننڍن ملازمن کي بِنا دير هٽائي سندن اصل گريڊن ۾ ساڳين هنڌن تي مقرر ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو