ڇور واهه کي گهارو، آبپاشي عملدار پاڻي ڍرو ڪري غائب

عمرڪوٽ (ڊ ر) ڇورواه کي مولابخش موڙ وٽان گهارو پئجي ويو جنهن جي نتيجي ڪيترن ايڪڙن تي بيٺل ٻيرن جو باغ پاڻي هيٺ اچي ويو هاري ۽ زميندارن ۾ بيچيني پکڙجي وئي ڪڻڪ لاءِ تيار زمينون ٻڏي وڃڻ ڪري چيٽ جي پوکائي متاثر ٿيڻ تي آبادگارن پريشان آهن. هارين لڇو ڀيل ۽ ممتاز سولنگي دانهيندي چيو ته ايريگيشن عملو بغير اطلاع جي بااثرن کي پاڻي ڏيڻ خاطر هيٺان دروازا بند ڪري پاڻي کي اور ٽاپ رکي هروڀرو اسان جون زمينون ٻوڙي رهيا آھن اسان باربار انتظاميه ۽ عملي کي دانهن ڏني پر ٻڌڻ لاء تيار ناھن. هنن اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. هنن چيو ته گهاري بعد واهه مان پاڻي ڍرو ڪيو ويو آهي گهارو بند ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو