ڇتي ڪتي جي ويڪسن اڻلڀ، ماڻهن جو درگاهن ڏانهن رُخ

ڏيپلو(فرمان بجير) سرڪاري اسپتالن ۾ ڇتي ڪتي جي ويڪسن نه ھجڻ ڪري غريب ماڻهو درگاهن جون حاضريون ڀرڻ لڳا آهن. ڏيپلو شھر ۾ ڪتن جو آزار وڌي وڃڻ ڪري ٻن ھفتن ۾ 6 ڄڻا اسلم،  عبدالحئي لنجو، مولوي قربان پاڙھو،  احمد خان، فاروق ڀنڀيو،  ڏاڏو سوٽھڙ ۽ ٻين کي ڪتي چڪي وڌو جيڪي سرڪاري تعلقه اسپتال ۾ علاج لاءِ پھتا ليڪن اسپتال ۾ ڪتي جي ويڪسن نه ھجڻ ڪري کين واپس موٽايو ويو. جڏهن ته ڪجهه غريبن جو ميڊيڪل علاج نه ٿيڻ ۽ پھچ نه ھجڻ تي ھنن  درگاھ واڇرا پير جي حاضري ڀري علاج ڪرائي رهيا آهن. ٻئي طرف تعلقه اسپتال ڏيپلو جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ  ڊاڪٽر نندلال سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته برابر ڪتي جي ويڪسن نه آهي ليڪن اھوصرف اسان وٽ نه بلڪ ٻين اسپتالن ۾ به موجود ناهي باقي اسان سرڪاري طور ڪمپنين کي آرڊر ڏئي ڇڏيا آهن جلد ويڪسن اچي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو