ڇا نيب قانون آئين کان مٿانهون آهي؟ عدالت پاران جواب طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته عدالت کي مطمئن ڪريو ته ڇا قومي احتساب بيورو يعني نيب ڀرتين ۾ آئين جي شقن کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو. جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي مشتمل بينچ نيب جي جعلي آفيسر طور ماڻهن کي ٺڳڻ واري ڪيس ۾ ٽن صفحن تي مشتمل آرڊر جاري ڪندي اها وضاحت طلب ڪئي آهي. محمد نديم نالي شخص جيڪو پاڻ کي نيب جو ڊي جي عرفان نعيم منگي سڏرائي هڪ گينگ ذريعي ماڻهن کي لُٽي رهيو هو، تنهن خلاف 19 فيبروري 2020 تي آبپاره ٿاڻي تي ٽيليگراف ايڪٽ هيٺ ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو، جنهن ضمانت جي درخواست ڏني ته ان جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته هي وڏي گينگ آهي نيب وارن ته جاچ ئي نه ڪئي آهي. عدالت ۾ ڊي جي نيب راولپنڊي عرفان نعيم منگي به پيش ٿيو ته عدالت هن کان پڇو ته اوهان جي تعليمي قابليت ۽ پگهار ڪيتري آهي ته هن ٻڌايو ته هو انجنيئر آهي ۽ سندس پگهار 4 لک 20 هزار آهي. عدالت کائنس پڇو ته ڇا اوهان کي فوجداري قانون جو ڪو تجربو آهي ته هن انڪار ڪيو. جنهن تي عدالت سوال اٿاريو ته آخر نيب ۾ وڏن عهدن تي ڪير ٿو ڀرتيون ڪري؟ عدالت کي ٻڌايو ويو ته نيب آرڊيننس جي شق 28 (جي) هيٺ نيب چيئرمين فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي اجازت بنا ڀريتين جو مجاز آهي. جنهن تي عدالت چيو ته آئين جي شق 240 ۽ 242 ۾ ته لکيل آهي ته سروس آفي پاڪستان ۾ ڀرتيون فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ڪندي؟ ڇا ان معاملي ۾ آرڊيننس آئين کان مٿي آهي؟ خود نيب آرڊيننس 1999 ۾ لکيل آهي ته ڀرتين جي لاءِ طريقه ڪار چيئرمين واضح ڪندو ۽ رولز ٺاهيندو جيڪي هن مهل تائين نه ٺاهيا ويا آهن. عدالت چيو ته هي ته سنگين خلاف ورزي آهي ۽ ان تي چيئرمين نيب خلاف ريفرنس ٺهي سگهي ٿو، چيئرمين نيب حاني جج ناهي کيس عدالت ۾ طلب ڪري سگهجي ٿو. عدالت از خود ڪاروائي لاءِ رجسٽرار کي چيو ته هو ڪيس تيار ڪري ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪريو ته هو عدالت کي ان نقطي تي مطمئن ڪري ته ڇا نيب آرڊيننس آئين کان مٿانهون آهي. عدالت افسوس ظاهر ڪندي چيو آهي ته نيب وارن پنهنجي ماضي جي غلطين مان سبق ناهي سکيو ۽ هي ادارو رڳو ماڻهن کي ڊيڄاري رهيو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ چيف جسٽس گلزار احمد خان به ريمارڪس ڏئي چڪو آهي ته نيب آفيسرن کي قانون جي ڄاڻ ئي ناهي ۽ هو پاڻ ڪيسن جا فيصل دير ٿيڻ جا ذميوار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو