چين ۾ آءِ فون قرآن مجيد ايپ پنهنجي اسٽور تان هٽائي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آءِ فون ٺاهيندڙ ڪمپني ايپل پنهنجي اسٽور تان چين ۾ قرآن مجيد ايپ هٽائي ڇڏي آهي، ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چيني اختيارين ڪجهه مواد تي اعتراض ڪندي حوالو گهريو هو ته هي مواد ڪٿان حاصل ڪيو ويو آهي؟ چين ۾ اسلام کي سرڪاري طور هڪ مذهب تسليم ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ڪروڙ ماڻهن قرآن ايپ ڊائون لوڊ ڪئي هئي. چين جي سنڪيانگ صوبي ۾ مسلمانن خلاف وڏي مهم هلندڙ آهي ۽ ڪيترن ئي پيش امامن کي قيد ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو