چين پاران پاڪستان جو 2 ارب ڊالرن جو قرض رول اوور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چين پاڪستان تي 2 ارب ڊالرن جو قرض واپس ڪري ڇڏيو.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان چين کان 7.1 سيڪڙو جي شرح سود تي 2 ارب ڊالر قرض ورتو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي اها رقم مارچ جي آخري هفتي ۾ واپس ڪرڻي هئي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان گذريل سال رول اوور قرض تي 26.6 ارب رپيا سود طور ادا ڪيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اهو قرض چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات کان ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو