چين غلطين کان پاسو ڪري، نه ته جواب ملندو: جوبائيڊن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن جو چوڻ آهي ته چين کي ڪا به غلطي نه ڪرڻ گهرجي، چين جيڪڏهن آمريڪي خودمختياري کي خطرو ٿيندو ته جواب ڏيندو، اسان گذريل هفتي اهو ئي ڪيو. جو بائيڊن پنهنجي اسٽيٽ آف دي يونين خطاب ۾ چيو ته اسان آمريڪي پروڊڪٽس ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهيون، ڪورونا سبب مهانگائي جو مسئلو عالمي آهي، اسان 40 سالن ۾ روزگار جا سڀ کان وڌيڪ موقعا پيدا ڪيا آهن.آمريڪي صدر چيو ته روس ۽ يوڪرين جنگ سبب توانائي ۽ خوراڪ جا مسئلا پيدا ٿيا، اسان دنيا جي ڪنهن به ملڪ کان بهتر پوزيشن ۾ آهيون، اسان کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، آمريڪا ۾ مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي.جوبائيڊن چيو ته آمريڪا ۾ گيس جي قيمتن ۾ 1.50 ڊالر في گيلن گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ٿي رهي آهي.هن چيو ته آمريڪا ۾ گذريل 6 مهينن ۾ مهانگائي گهٽ ٿي آهي ۽ ماڻهن جي آمدني به وڌي آهي، اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ اهو شور هو ته چين جي طاقت وڌي رهي آهي، آمريڪا ڪمزور ٿي رهيو آهي، هاڻي آمريڪا دنيا جي هيٺاهين تي آهي. بائيڊن چيو ته مون صدر شي جن پنگ کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اسان مقابلو چاهيون ٿا، تڪرار نه، صنعتي عمل ۾ تخليقي ڪم ۾ سيڙپڪاري ئي مستقبل جي ضمانت آهي، چين صنعتي عمل ۾ تخليقي ڪم تي بالادستي چاهي ٿو.آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته مضبوط عالمي معيشت کي برقرار رکڻ لاءِ اسان کي بهترين انفراسٽرڪچر جي به ضرورت آهي، آمريڪا انفراسٽرڪچر جي حوالي سان پهرين نمبر تي هو پر پوءِ 13هين نمبر تي اچي ويو پر هاڻي 20 هزار منصوبن لاءِ فنڊ جاري ڪيا آهن.جو بائيڊن چيو ته انهن منصوبن ۾ هاءِ ويز، پل، ٽريڪ، سرنگھه، سمنڊ ۽ ايئرپورٽس جي تعمير شامل آهي، جڏهن ته صاف پاڻي ۽ تيز رفتار انٽرنيٽ جي منصوبن لاءِ فنڊز به جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ اسان جي ٿورائتا آهيون. آمريڪي صدر چيو ته جن ريپبلڪن فنڊز جي منظوري خلاف ووٽ ڏنو اهي پريشان نه ٿين، هو منصوبن لاءِ فنڊز جو مطالبو ڪري سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو