چين جي اڳوڻي وزير کي ڪرپشن تي موت جي سزا

چين جي اڳوڻي وزير کي ڪرپشن تي موت جي سزا

بيجنگ(ويب دِسڪ)چين جي اڳوڻي زراعت ۽ ٻهراڙين واري کاتي جي وزير کي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ جِلين صوبي جي هڪ عدالت آچر ڏينهن موت جي سزا (مهلت سان) ٻڌائي آهي، چين جي سرڪاري خابرو ايجنسي شِنھوا جي رپورٽ موجب مسٽر ٽينگ رنجيان 2007 کان 2024 تائين مختلف عهدن دوران 268 ملين يوآن (37.6 ملين آمريڪي ڊالر) کان وڌيڪ رقم ۽ ملڪيت رشوت طور ورتي. چانگ چون انٽرميڊيٽ يعني وچولي عوامي عدالت سندس موت جي سزا کي ٻن سالن لاءِ معطل ڪندي ٻڌايو ته ٽانگ پنهنجن ڏوهن جو اعتراف ڪيو آهي. واضح رهي ته چين جي ڪميونسٽ پارٽي نومبر 2024 ۾ ٽينگ کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو، ڇهه مهينا پوءِ جڏهن کيس بدعنواني جي نگراني ڪندڙ اداري جاچ هيٺ آندو ۽ عهدي تان هٽايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو