چيمپيئنز ٽرافي جي منتقلي جو ارادو ناهي، آءِ سي سي چيف

چيمپيئنز ٽرافي جي منتقلي جو ارادو ناهي، آءِ سي سي چيف

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي چيف ايگزيڪيوٽو جيف ايلارڊائس تصديق ڪئي آهي ته هن وقت آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 پاڪستان مان منتقل ڪرڻ جو ڪو به منصوبو ناهي.وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ منعقد ڪيل ميڊيا بريفنگ کي خطاب ڪندي جيف ايلارڊائس ٽورنامينٽ جي جڳهه تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته آءِ سي سي ايونٽس جي ڪامياب ميزباني کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان سميت پنهنجي ميمبر ملڪن جا باقاعده دورا ڪري رهي آهي جيف ايلارڊائس يقين ڏياريو آهي ته ٽورنامينٽ ۾ ڪنهن به ٽيم کيڏڻ کان انڪار ناهي ڪيو، سموريون ٽيمون پاڪستان ۾ کيڏڻ لاءِ پرعزم آهن، اڳوڻي چيلنجز باوجود ايلارڊائس ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سموريون ٽيمون پاڪستان ۾ کيڏڻ لاءِ پرعزم آهن.آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025، جنهن کي ”مني ورلڊ ڪپ“ به چيو ويندو آهي، ميزباني ڪنديون 8 ايلٽ ٽيمون، ڀارت، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، 2023 جي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سندن ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي بنگلاديش ۽ افغانستان شامل آهن .

پهنجو تبصرو موڪليو