چوڌري نثار مسلم ليگ سان 35 سالن جي رفاقت ختم ڪري ڇڏي

ٽيڪسيلا(م ڊ) اڳوڻي وزيرداخلا۽ سينيئر سياستدان چوڌري نثارعلي خان مسلم ليگ(ن) سان پنهنجي 35 سالن جي رفاقت ختم ڪندي هميشه لاءِ رستو الڳ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پنهنجي ضمير مطابق اهو فيصلو ڪيواٿم. هن چيو ته وڏو عرصو پاڪستان مسلم ليگ جو حصو رهيس ۽ مون عزت لاء سياست ڪئي اقتدار لاءِ نه. اڳوڻي وزير داخلا جو چوڻ هو ته مسلم ليگ جي ڪجهه سينيئر رهنمائن سان سندس اختلاف هئا، جيڪي حل نه ڪيا ويا. هن چيو ته ملڪ کي مختلف محاذن تي ڪمزور ڪرڻ جي  سازش ڪئي وئي. چوڌري نثار علي خان  پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي ڪارڪردگي  بابت سوال ڪيا ۽ چيو ته حڪومت غريبن لا۽ ڪجهه نه ڪيو آهي عوام کي رليف ڏنو وڃي. هن چيو ته ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر ۾ ڪمي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ملڪ جي عوام تي وڏو منفي اثر وجهي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ساڳئي صورتحال رهي ته آڪٽوبر تائين ملڪ ۾ مهانگائي ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. چوڌري نثارايندڙ عام چونڊون آزاد حيثيت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو. هن جو چوڻ هو ته اقتدار ۾ اچڻ کان پهريان تحريڪ انصاف جي قيادت وڏي دعويٰ ڪئي هئي. حڪومت پاڻ آئي ايم ايف ۽ عالمي بينڪ وٽ پنهنجو هٿ جهلي بيٺي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو