چوڌري نثار جي 7 ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي چڪري ٿاڻي ۾ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار جي 7 ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.مسلم ليگ ن جي ڪارڪن تنوير حسين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن گذريل رات زبردستي گهر ۾ داخل ٿي ن ليگ جي چونڊ مهم دوران تشدد ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون.ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار گهر ۾ گهڙي ڦر ڪئي ۽ گيس سلينڊر کڻي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو