چونڊ نشان مور وٺڻ واري پرويز الاهي جي درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي مور جو چونڊ نشان وٺڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد بلال حسن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.عدالت پرويز الاهي کي گدا گاڏي جو بيج الاٽ ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي برقرار رکيو.پرويز الاهي چونڊ نشان مور وٺڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو