چور دڪان جي ڇت ٽوڙي نقدي رقم ۽ سامان ٻهاري ويا

خانپورمهر (آفتاب سيال) گذريل رات نامعلوم چور وچ شهر ۾ داخل ٿي گهوٽڪي بس اسٽينڊ وٽ هندو سيٺ لال چند ۽ ميهر لال جي ڪريانه جي دڪان جي ڇت ٽوڙي دڪان مان لکين رپين جي ماليت جو ڪريانه جو سامان توڙي نقدي رقم چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. خانپورمهر جي دڪاندارن پاران کوجي ڪتا گهرائي پوليس سان گڏجي کوجي ڪتن وسيلي چورن جا پيرا کڻايا جيڪي ڳوٺ ڇتن مهر ۾ راڻو مهر جي گهر ۾ پيا. جتان پوليس سرور پٽ راڻو مهر کي گرفتار ڪري اين سي داخل ڪري ورتي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو