ٺڪراٺو (حضرت گل پٺاڻ) رات دير سان مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ فيروز خان ڇڄڻ ۾ 30 سالا عورت مسمات زرينه زال غلام مصطفي ڇڄڻ گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، جنهن متعلق سندس وارثن جو چوڻ آهي ته رات دير سان چورن گهر اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا سين مزاحمت ڪرڻ تي چورن فائرنگ ڪئي جنهن سبب مسمات زرينه کي گولي لڳي ۽ هو فوت ٿي وئي، ٻئي طرف علائقي واسين جو چوڻ آهي ته رات جو فائرنگ نه ٿي هئي البته ٻهه فائر ٿيا هئا علائقي واسين اهو پڻ ٻڌايو آهي ته کين شڪ آهي ته عورت کي قتل ڪيو ويو آهي پر سندس وارث ڳالهه کي لڪائي رهيا آهن، فوتي عورت جو لاش پوسٽ مارٽ لاءِ تعلقه اسپتال پنو عاقل نيو ويو جنهنکي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، واضع رهي ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو










