ڪراچي(ويب ڊيسڪ) روس جو 5 ڏهاڪن بعد چنڊ ڏانهن موڪليل پهريون خلائي مشن ناڪام ٿي ويو آهي. لونا 25 خلائي جهاز ٽيڪنيڪل خرابي کان پوءِ چنڊ جي مٿاڇري تي ڪري تباهه ٿي ويو. روس جي خلائي ايجنسي Roscosmos ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته لونا 25 چنڊ جي مٿاڇري تي ڪري تباهه ٿي ويو آهي ۽ ان جو رابطو ختم ٿي ويو آهي. ايجنسي طرفان جاري ڪيل بيان موجب لونا 25 چنڊ تي پهچڻ کان اڳ رٿيل رستي کان هٽي ڪري هڪ اهڙي مدار ۾ هليو ويو جتي ان کي موڪلڻ جو منصوبو نه هو. روسي ايجنسي جو چوڻ آهي ته لونا 25 جي تباهي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ خاص ڪميشن جاچ ڪندي. خلائي جهاز کي 21 آگسٽ تي چنڊ جي ڏکڻ قطب تي پهچڻو هو پر 19 آگسٽ تي روسي خلائي ايجنسي جو ان سان رابطو ختم ٿي ويو. روسي خلائي ايجنسي کي 19 آگسٽ تي ٻڌايو ويو ته خلائي جهاز کي پري لينڊنگ مدار ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش دوران مسئلو پيش آيو ۽ ماهر صورتحال جو تجزيو ڪري رهيا هئا. ان مسئلي جي ڪري، خلائي جهاز پري لينڊنگ مدار ۾ داخل ٿيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. اهو واضح ناهي ته ڇو لونا 25 کي اڳئين لينڊنگ مدار ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش دوران مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻو پيو. آخري دفعو روس 1976ع ۾ لونا 24 مشن کي چنڊ ڏانهن موڪليو هو، پر لڳ ڀڳ پنجن ڏهاڪن تائين ان جي ٻيهر ڪوشش نه ڪئي وئي. ياد رهي ته چنڊ جي ڏکڻ قطب تي پهريون مشن لينڊ ڪرڻ لاءِ ڀارت ۽ روس وچ ۾ مقابلو ٿيو هو، جنهن ۾ روسي خلائي جهاز کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو هو. ڀارت جو چندريان 3 مشن 23 آگسٽ تي چنڊ جي مٿاڇري تي لينڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. روس ويجهي مستقبل ۾ چنڊ ڏانهن وڌيڪ مشن موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو، پر اهو واضح ناهي ته لونا 25 جي ناڪامي پروگرام تي ڇا اثر پئجي سگهجن ٿا. ياد رهي ته لونا 25 ، 11 آگسٽ تي لانچ ڪيو ويو ۽ 16 آگسٽ تي قمري مدار ۾ داخل ٿيو هو.
