ڌاڙيلن جو ڳوٺ تي حملو، چاچڙ برادري جا 10 مڙس مارجي ويا

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) غوثپور ڀرسان دراني مھر ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ زمان چاچڙ تي سبزوئي ۽ جاگيراڻي برادري جي ماڻھن گڏجي ڪري چاچڙ برادري جي ماڻھن تي ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا. جنھن ۾ ڪارڙا چاچڙ برادري سان واسطو رکندڙ 9 ماڻھن جي قتل ٿيڻ جا اطلاع آھن.قتل ٿي ويلن ۾ شاھمراد چاچڙ، منظور چاچڙ، عبدالخالق، علي بخش، راحب، انور، شعبان، حضور بخش ۽ حامد چاچڙ شامل آھن.واقعي جي اطلاع بعد چاچڙ برادري جا ڪيترائي ھٿياربند پنھنجي ماڻھن جي مدد لاءِ روانا ٿي ويا پر ھٿياربند ھيٺ ڪچي طرف لھي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.جڏهن ته پوليس به واقعي جي ھڪ ڪلاڪ کانپوءِ واقعي واري ھنڌ رواني ٿي، ان کان اڳ علائقو جنگ جو ميدان بڻيل ھو ۽ تمام گهڻي فائرنگ ڪئي وئي. چاچڙ برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته چوپائي مال جي ڳالهه تان جاگيراڻين سان منهن ماري ٿي هئي، جنهن بعد سبزوئي ذات جي ڪجهه ڏوهاري ساٿين کي ڪانڍ ڪري بدنام ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي ڳوٺ تي حملو ڪري 9 مڙس ماريا آهن. هنن ٻڌايو ته ڇنڇر تي ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيل ٽن ڄڻڻ مان هڪ آچر تي فوت ٿي ويو ۽ فوتين جو انگ 10 ٿي ويو جن جي اجتماعي جنازي نماز ادا ڪري هٿيارن جي پهري هيٺ سندن تدفين ڪئي وئي.

بدنام ڏوهاري جيئند جاگيراڻي جو فائيل فوٽو سنڌيار

اطلاع آهن ته جھيڙي دوران ٽي ماڻھو زخمي به ٿيا آھن. آخري اطلاعن تائين ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي دراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ چاچڙ، جاگيراڻي ۽ سبزوئي برادري جي ٽن ڌرين ۾ ٿيل الڳ الڳ جهيڙي ۾ مارجي ويلن جو انگ `9 ٿي ويو آهي.واضح رھي ته ڪجھ عرصو اڳ دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس علائقي جي بدنام ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي جي زال ۽ پٽن سميت پنج ماڻھو ماريا ھئا، جن جو الزام جيئند چاچڙ برادري تي به لڳايو ته اوھان پوليس جا ساٿاري بڻجي منھنجا ماڻھو مارايا آھن بدلو ڪندس. علائقي ۾ چئوٻول آھي ته اڄوڪو واقعو ان سلسلي جي ڪڙي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو