ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير صنعت ۽ واپار ڄام اڪرام الله ڌاريجو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پنهنجي آفيس ۾ مختلف وفدن سان ملاقات ڪئي. هن موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته مالي سال 2026-27 جو صوبائي بجيٽ عوام دوست، ترقي پسند ۽ فلاحي قدمن تي ٻڌل هوندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن جي روشنيءَ ۾ ايندڙ بجيٽ ۾ صوبي جي هماگير ترقي، عوامي ڀلائي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي تي خاص توجه ڏني وئي آهي .صوبائي وزير ملاقات دوران وفدن جا مسئلا ۽ تجويزون ڌيان سان ٻڌيون ۽ لاڳاپيل عملدارن کي انهن جي فوري ۽ اثرائتي حل لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيون.










