ڀڃ ڊاهه ۽ افغانستان جو جهنڊو ڦڙڪائيندڙ مک جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سپر هاءِ وي تي ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙ ڪرڻ ۽ افغانستان جو جهنڊو ڦڙڪائيندڙ مک جوابدار رانا بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو آهي ايس پي سهراب ڳوٺ سهيل فيض مطابق ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ال آصف اسڪوائر ويجهو ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي پوليس جوابدار رانا بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو پوليس مطابق گذريل سال سپر هاءِ وي تي رانا بلوچ ساٿين سان گڏجي ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي جوابدار ڀڃ ڊاهه کان پوءِ افغانستان فرار ٿي ويو هو جوابدار ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙ دوران جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي بس کي باهه ڏئي ساڙيو هو جوابدار وڳوڙ دوران ڪيترين گاڏين کي به باهه ڏئي ساڙيو رانا بلوچ سپر هاءِ وي ۽ ڀرپاسي ۾ افغانستان جو جهنڊو ڦڙڪائڻ ۾ به ملوث آهي گرفتار جوابدار جو تعلق پي ٽي ايم سان به آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو