ڀارت ۾ ڇهين مرحلي جي چونڊ مڪمل، آخري مرحلو باقي

نئين دلي( م ڊ) ڀارت ۾ آچر ڏينهن ڇهين مرحلي ۾ پولنگ مڪمل ٿي وئي آهي. جنهن ۾ 7 رياستن ۾ لوڪ سڀا جي 49 سيٽن لاءِ ووٽنگ ٿي. جنهن ۾ ڏهه ڪروڙ رجسٽرڊ ووٽر پنهنجو حق استعمال ڪيو. هن مهل تائين ٿيل پنجن مرحلن ۾ تقريبا 63 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ووٽ ڪاسٽ ٿيندا رهيا آهن. اچوڪي ووٽنگ اترپرديش، هريانا، مڌياپرديش، مغربي بنگال، بهار، دلي ۽ جهارکنڊ ۾ ووٽنگ ٿي. دلي جي وڏي وزير ڪيجريوال جيئن ووٽ ڏين لاءِ آيو ته مودي جي حامين کيس مرچن جو دونهون سنگهايو ۽ تڦڙون پڻ هنيون پر هو مودي جي مخالفت ۾ اڳتي آهي. راهول گانڌي ۽ سشما سوراج صبح صبح ووٽ ڪاسٽ ڪيا. اپوزيشن جي پارٽي ڪانگريس جي صدر راهول گانڌي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چونڊ مهم دوران مودي نفرت ۽ اسين پيار جي پرچار ڪئي آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته پيار کٽندو. هن اليڪشن جي مرحلي جي اهم ڳالهه 111 سالن جي بچن سنگهه جو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ به آهي جيڪو وهيل چيئر تي اچي ووٽ ڏئي ويو. هن چيو ته 1951 کان وٺي هر اليڪشن ۾ ووٽ ڏيندو رهيو آهي.

ياد رهي ته هڪ ارب 30 ڪروڙ آبادي واري ملڪ ڀارت ۾ تقريبا 90 ڪروڙ اهل ووٽر آهن. ڀارت ۾ هلندڙ 7 مرحلن واري عام چونڊ 19 مئي تي ختم ٿيندي ۽ 23 مئي تي ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿيندي. پنجين مرحلي ۾ 7 رياستن جي 51 سيٽن لاءِ پولنگ ٿي هئي. جڏهن ته چوٿين مرحلي ۾ 9 رياستن ۾ 72 سيٽن لاءِ پولنگ ٿي چڪي آهي. ٽئين مرحلي ۾ 13 رياستن ۽ 2 يونين جي 117 سيٽن لاءِ چونڊ عمل ٿيوهو، جنهن ۾ 18 ڪروڙ 80 لک ووٽر مان 60 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ووٽ ڪاسٽ ٿيا هئا. پهرين مرحلي ۾ ڀارت جي 20 رياستن جي 91 سيٽن ۽ ٻئي مرحلي ۾ 12 رياستن جي 95 سيٽن لاءِ پولنگ مڪمل ٿي چڪي آهي. اڄ ڇهين مرحلي جي پولنگ بعد ڀارت جي 543 لوڪ سڀا جي ڪل سيٽن، جي 475 سيٽن لاءِ چونڊ عمل مڪمل ٿي ويندو ۽ آخري مرحلي ۾ 69 سيٽن لاءِ پولنگ ٿيڻي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو