ڀارت جي يوم آزادي جي تقريب کان وڌيڪ ڪشميرين جو احتجاج

لنڊن(م ڊ) برطانيا ۾ رهندڙ ڪشيميرين سان يڪجهتي طور هزارين ماڻهن جلوس ڪڍي ڀارتي هاءِ ڪميشن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. اهڙو احتجاج ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت پاران لاڳو ڪيل ڪرفيو، مواصلاتي نظام ختم ڪرڻ ۽ ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون کي هڪ مهينو مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ڪيو ويو آهي. ٥ هزار کان پوڌيڪ ماڻهو برطانوي پارليمان آڏو گڏ ٿيا ۽ جلوس جي شڪل ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن پهتا. احتجاج ڪندڙن ڀارتي سيڪورٽي فورسز جي ڪيل ظلمن خلاف نعرا هنيا ۽ دنيا تي زور ڀريو ته هو ڀارت پاران ٿيندڙ انساني بنيادي حقن جي خلاف پورزي جو نوٽيس وٺن. برطانيا ۾ رهندڙ ڪشميرين کي مختلف تنظيمن احتجاج ۾ شرڪت لاءِ همدردن ۽ هم خيالن کي شرڪت جي ڪوٺ ڏني هئي ته اچو ته گڏجي ٥ آگسٽ تي مودي سرڪار پاران هڪطرفا اپاءَ وٺندي ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪرڻ بابت ورتل اپائن خلاف احتجاج ڪري دنيا جي ضمير کي جهنجهوڙيون. مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ ڪشمير جا جهنڊا هئا ۽ هنن دهشتگرد مودي دهشتگرد جا نعرا هنيا، اسان آزادي ڇني وٺنداسين. ڪجهه احتجاج ڪرڻ وارن بيضن ۽ ٽماٽرن سان ڀارتي هاءِ ڪميشن تي وسڪارو لائي ڏنو. جيو جي نمائندي مرتضيٰ علي شاهه پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته اڱاري وارو احتجاج ڀارت جي يوم آزادي واري گڏجاڻي کان تمام وڏو هو. ياد رهي ته انٽر نيشنل ميڊيا موجب چار هزار کان وڌيڪ ڪشميرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو