ڀارت الچي ڊيم کولي ڇڏيو،سنڌو درياءَ ۽ تربيلا ۾ پاڻي جي سطح بلند

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) ڀارت بنا ٻڌائي الچي ڊيم جو پاڻي ڇوڙي ڇڏيو، سنڏو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿي وئي تربيلا ۾ پاڻي جي آمد ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. نيشنل ڊزاسٽرمئنيجمينٽ اٿارٽي يعني اين ڊي ايم اي، خيبرپختونخواه حڪومت، واپڊا ۽ٻين واسطيدار ادارن کي خط لکي خبردار ڪيو آهي ته هنگامي بنياد تي تياري ڪئي وڃي ۽ ٻوڏ جي صورت م متبادل انتظام ڪيو وڃي.

تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻي جي ڇوڙ ۾ واڌ ڪئي وڃي. خيبر پختونخواه جي حڪومت داسو، ڪوهستان، ايبٽ آباد، مانسهره، بٽگرام هريپور ۽ ديرا اسماعيل ضلعن جي انتظاميا کي خبردار ڪيو آهي ته سنڌو درياءَ م وهنجڻ ۽ ٻيڙيون وغيره هلائڻ تي پابندي هڻي ڇڏي. ياد رهي ته الچي ڊيم سنڌو درياءَ تي والاريل ڪشمير جي ليهه ضلعي ۾ واقع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو