ڀارتي پوليس کي مودي ۽ اسٽيڊيم تي حملي جي اي ميل

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي پوليس کي هڪ اي ميل ملي آهي جنهن ۾ وزيراعظم نريندر مودي ۽ احمد آباد ۾ نريندر مودي اسٽيڊيم کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.آءِ سي سي مردن جو ورلڊ ڪپ ڀارت ۾ شروع ٿي ويو آهي ۽ پاڪستاني ٽيم به ٽورنامينٽ ۾ هالينڊ کي شڪست ڏئي فاتحانه شروعات ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم 8 آڪٽوبر تي پنهنجي پهرين ميچ آسٽريليا خلاف کيڏندي.ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون 14 آڪٽوبر تي احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون، پر ان کان اڳ ڀارتي پوليس کي هڪ اي ميل ملي آهي جنهن ۾ اسٽيڊيم کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب دهشتگرد گروپ طرفان موڪليل اي ميل ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ احمد آباد ۾ نريندر مودي اسٽيڊيم کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي.ميڊيا رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اي ميل ۾ دهشتگردن 500 ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻ ۽ گينگسٽر روي بشنوئي کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڌمڪي واري اي ميل ۾ چيو ويو آهي ته نريندر مودي اسٽيڊيم تي حملي لاءِ ماڻهن کي مقرر ڪيو ويو آهي، وزيراعظم نريندر مودي کي به ڦاهي ڏني ويندي.دهشتگرد گروپ طرفان موڪليل اي ميل ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ۾ سڀ ڪجهه وڪامجي ٿو ۽ اسان به ڪجهه خريد ڪيو آهي، توهان اسان کان بچي نه ٿا سگهو جيترو توهان سيڪيورٽي ۾ چاهيو ٿا.ان حوالي سان ڀارتي پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي طرفان دهشتگرد گروپ طرفان موڪليل اي ميل ملي آهي، اين آءِ احمد احمد آباد سميت سمورن سيڪيورٽي ادارن کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.ڀاٽي پوليس جو چوڻ آهي ته اي ميل جنهن آئي ڊي تان موڪلي ان جي سڃاڻپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، لڳي ٿو ته اها اي ميل يورپ مان آئي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته هو ورلڊ ڪپ جي ميچن جي سڪيورٽي جو جائزو وٺندا، جيڪڏهن ضرورت پئي ته سڪيورٽي وڌائي ويندي.ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ گرپتون سنگهه پنو تي ورلڊ ڪپ ميچن ۾ حملن جي ڌمڪي ڏيڻ جو الزام هنيو آهي ۽ پوليس گرپت سنگهه پنو خلاف به ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته گرپتون سنگهه ورلڊ ڪپ ميچن دوران حملن جي ڌمڪي ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو