ڀارتي پاڻي اچڻ بعد قصور مان ڳوٺ خالي، تربيلا فل،سنڌوءَ ۾ به چاڙهه

سکر/ قصور(امداد علي ڪلوڙ) ڀارت جو ڇڏيل پاڻي پاڪستاني دريائن ۾ شامل ٿيڻ کانپوء تربيلا کان تونسا بئراج تائين وهڪرن ۾ چاڙھ اچي ويو آهي. تربيلا فل ٿي ويو 1550 فٽ پاڻي جمع ٿيڻ بعد ٽي ٽنل ۽ اسپل ويز کوليو ويا آهن ۽ 2 لک ڪيوسڪس کان مٿي پاڻي خارج ڪيو پيو وڃي. بجلي جا 17 يونٽ 4888 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.* چاچڙان شريف وٽ 10ڏهائي هڪ فٽ سان وڏي ٻوڏ. رحيم يار خان جو ڪچو ٻڏي ويو، لڏپلاڻ. مدد لاء فوج طلب * گڊو بئراج وٽ ساڳيو وهڪرو برقرار آهي * سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن وٽ معمولي واڌ * گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو ڪالھ کان 4 لک 22 هزار 653 ڪيوسڪ ، هيٺانهون وهڪرو 3لک 86هزار 41 ڪيوسڪ رڪارڊ ، وچولي ٻوڏ برقرار *  سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو3 لک 63 هزار 580 ڪيوسڪ ، هيٺانهون وهڪرو 3 لک 3 هزار 625 ڪيوسڪ رڪارڊ ، 3 هزار ڪيوسڪ جي واڌ سان وچولي ٻوڏ برقرار * ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 82 هزار 620 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 46 هزار 485 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. هوڏانهن قصور ۾ ستلج درياءَ ۾ ڀارتي پهچڻ سبب ٻوڏ جي خطري سبب آس پاس جي ڪيترائي ڳوٺ خالي ڪرايا ويا آهن. ستلج م درمياني درجي جي ٻوڏ آهي ۽ پاڻي وڌي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو