ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي هدايتڪار انوراگ ڪشپ مرحوم ڀارتي اداڪار سشانت سنگهه راجپوت بابت نئون انڪشاف ڪيو آهي.انوراگ ڪشيپ هڪ تازي انٽرويو ۾ سشانت سنگهه راجپوت بابت ڳالهائيندي چيو ته سوشانت سنگهه راجپوت پنهنجي مئنيجر اُدي سنگهه گوري جي ذريعي 3 هفتا اڳ مون سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.هن چيو ته ”دراصل گهڻو وقت اڳ، سوشانت سنگهه راجپوت مون سان هر قسم جو رابطو ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ مون فيصلو ڪيو هو ته انڊسٽريءَ جي وڏن نالن سان ڪم نه ڪندس ۽ نه وري ڪنهن خراب تجربي مان گذرندس،“ پر جڏهن ٽن هفتن کان پوءِ خبر پيئي ته اداڪار مري ويو آهي ته مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ حيران ٿي ويس ته جڏهن سشانت مون سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون ڳالهه ڇو نه ڪئي،انوراگ ڪشيپ چيو ته مان سوچي رهيو هوس ته شايد ان وقت ڳالهائي ها ته صورتحال مختلف هجي ها.ان هڪ واقعي کان پوءِ مون انهن سڀني ماڻهن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو جن سان منهنجو سالن کان رابطو نه هو،
