ٿرڪول زخمي گارڊ ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو

اسلام ڪوٽ (صادق بجير) ٿرڪول بلاڪ ون تي زخمي ٿيل سيڪيورٽي گارڊ جو واقعو نئون رخ اختيار ڪري ويو،جهيڙي دوران گوليون هڻي مرڻينڱ ڪرڻ جو انڪشاف،  وارثن جو حملي آورن جي گرفتاري لاءِ احتجاج. هفتو اڳ زخمي ٿيل سيڪيورٽي گارڊ سردار نهڙي کي پنج ڄڻن پڪڙي سخت تشدد جو نشانو بڻائي گوليون هڻي مرڻينڱ ڪيو هو. ان سلسلي ۾ مرڻينڱ ٿيل اهلڪار جي هوش ۾ اچڻ بعد رڪارڊ ٿيل وڊيو منظرعام ٿي اچي ويئي آهي،جنهن ۾ هُو هچڪيون کائيندي پنج ڄڻن تي حملي جا الزام هڻي رهيو آهي،زخمي گارڊ سردار جو چوڻ هو ته پنج ڄڻن پڪڙي گوليون هڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي،ايترو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد هو ٻيهر بيهوش ٿي ويو آهي جيڪو ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل آهي،انهي سلسلي ۾ زخمي سيڪيورٽي گارڊ سردار نهڙي جي ڀاءُ اڪبر علي نهڙي،سئوٽ نور محمد نهڙي، فتح محمد نهڙي ۽ ٻين پريس ڪلب اسلام ڪوٽ پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان جي نوجوان سيڪيورٽي گارڊ سردار نهڙي تي حملو ڪري مرڻينڱ ڪيو ويو،جن به ماڻهن حملو ڪيو آهي انهن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. اسان جي نوجوان کي ڪجھ به ٿيو ته ذميوار ملوث جوابدار هوندا، اسان ايس ايس پي ٿرپارڪر کي رڪارڊ ڪيل وڊيو ڏني آهي جنهن اسان کي انصاف جو يقين ڏياريو آهي،اسان جو مطالبو آهي ته نوجوان تي فائرنگ ڪندڙن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو