اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول بلاڪ ون جي ڪمپنين جي زيادتين خلاف ڳوٺ ڀاوي جو تڙ جي رهواسين قلندر شاھ،عبدالله جوڻيجو،دين محمد،راڻو خان خاصخيلي،نورمحمد،الهڏنو خاصخيلي ۽ ٻين ڪالھ به پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪمپنيون پنهنجا نواز پاليسي تحت مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪري ڌارين کي نوازي رهيون آهن روزگار سميت ٺيڪيداري سسٽم به رشوت عيوض منپسند ماڻهن کي ڏيئي لوڪل ماڻهن جي لاء دروازا بند ڪيا ويا آهن احتجاج ۽ دانهن ڪرڻ تي ڪمپني وارا ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن اسان جي هاء گهوڙا باوجود ڪير ٻُڌڻ وارو ناهي حڪومت ۽ ڪمپنيون دعوا ڪن ٿيون ته اسان ٿرڪول پروجيڪٽ ۾ مقامي ماڻهن کي اولين ترجيح ڏني آهي جيڪا دعوا سراسر ڪوڙ ۽ دوکيبازي تي ٻڌل آهي اصل مقامي جيڪي ڪول سبب متاثر ٿيا آهن انهن کي ڪابه سهولت ناهي ڏني ويئي اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته هڪ اڻ ڌُري ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا ڪول بلاڪن اندر وزٽ ڪن ته اندر مقامي ماڻهن کي ڪيترو روزگار سان نوازيو ويو آهي سڀ خبر پئجي ويندي هنن چيو ته انصاف نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.










