نوشھروفيروز(مشتاق مري) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته پ پ ۾ ڪو فارورڊ بلاڪ ناھي، ڪو بيوقوف ئي ھوندو جيڪو پ پ ۾ اختلافن بابت سوچي ٿو. نوشھرو فيروز ۾ پٺاڻ برادري جي اڳواڻ اياز پٺاڻ سان سندس والدھ جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ چيئرمين بلاول جي اڳواڻي ۾ متحد آھي. هن چيو ته مشرف جي فيصلي تي نه ڳالهائيندس ڇاڪاڻ ته اهو عدالتي مسئلو آهي ۽ هو عدالت جي معاملن تي نه ڳالهائيندو آهي ۽ هو عدالت جو احترام ڪندو آهي. هن چيو ته پ پ جي حڪومت وفاق ۾ هجي يا سنڌ ۾ هجي پر سنڌ جي حقن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي ويندي. وفاق سنڌ جا وسيلا کائي رهيو آهي پر سنڌ ۾ نه گئس آهي نه بجلي آهي. هن چيو ته سندس آزادي ڊيل جو حصو ناهي پر نوازشريف ۽ آصف زرداري جي آزادي اهليت ۽ بيماريءَ جي بنياد تي ٿي آهي. هن چيو ته هو نيب جي ڪيسن کان نه ٿو ڊڄي هن جا حوصلا اڳ جيان مضبوط آهن مهانگائي عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي جيئن ئي عمران خان جي حڪومت آئي ته مهانگائي عوام کان رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. هن وقت ذاتي ۽ برادري جي دوري تي آيو آهيان ۽ سنڌ ۾ جتي به پٺاڻن سان مسئلو ٿيندو هو اتي پھچي ويندو ۽ ڪنهن به پٺاڻ سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سول اسپتال نوشهروفيروز کي اپ گريڊ نه ڪرڻ ۽ ٽائون ڪميٽي کي ميونسپل جو درجو نه ملڻ بابت هو هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالھائي مسئلو حل ڪرائيندو.
سوشل ميڊيا جي استعمال تي وڌيڪ 12 پوليس اهلڪار معطل
اختر مينگل پنهنجي سياست کي بچائڻ لاءِ استعيفيٰ ڏني
پي ٽي آءِ جلسو دوران سمورو سامان ڪي پي مان کڻي وڃڻ جو فيصلو
نيب ترميم فيصلي کان پوءِ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ رعايت گهر
عمر ايوب استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سلمان اڪرم جنرل سيڪريٽري مقرر
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتن جاري
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار
سنڌيار سکر 07 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 07 سيپٽمبر 2024ع
قوم سياسي اختلا فن کي نفرت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏئي، آرمي چيف