عوامي خواهشن جي ابتڙ ڪنهن به منصوبي جي حمايت نه ڪبي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار عوام جي سخت تنقيد کانپوءِ ڪارونجهر جبل جي نيلامي لاءِ جاري ڪيل ٽينڊر رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽي عوامي خواهشن جي ابتڙ ڪنهن به منصوبي جي حمايت نه ٿي ڪري، ڪارونجهر جي نيلامي وارو اشتهار معدنيات واري کاتي جي ڪامورن وزير سان مشاورت کانسواءِ جاري ڪيو، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪارونجهر بابت ٽينڊر رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،سنڌ جي معدنيات کاتي پاران ڪارونجهر جبل جي نيلامي لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو ويو هو، اشتهار ۾ ڪارونجهر جي 17 سائيٽس جي نيلامي لاءِ 27 جولاءِ تائين درخواستون گھرايون ويون هيون،معدنيات واري وزير شبير بجاراڻي اشتهار جو دفاع ڪندي چيو هو ته سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن، اڄ صوبائي وزير شبير بجاراڻي سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي موقف تي قلابازي کائيندي چيو ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي توڙي نيلامي جو تصور به نه ٿا ڪري سگهون، شبير بجاراڻي ڪارونجهر جبل جي نيلامي واري ٽينڊر جي حمايت ۾ جاري ڪيل پنهنجا سمورا ٽويٽس ڊليٽ ڪري ڇڏيا

پهنجو تبصرو موڪليو