اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي پائليٽن پگهارن تي ٽيڪس جي معاملي تي استعيفائون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون.قومي اسيمبلي جي ايوي ايشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پي آءِ اي جي پائليٽن پگهارن تي 35 کان 40 سيڪڙو تائين ٽيڪس خلاف وڏي انگ ۾ استعيفائون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي پائليٽن جي پگهارن تي 35 کان 40 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي، جنهن تحت 8 لک پگهار کڻندڙ پائليٽ کي ساڍا 3 لک رپيا واڌو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو.ڪميٽي ميمبر سائرا بانو چيو ته ٻن درجن کان وڌيڪ پائليٽن استعيفائون ڏنيون آهن، جن کي منظور نه پيو ڪيو وڃي.پي آءِ اي اختيارين به ڪميٽي ۾ استعيفائن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پائليٽن جون استعيفائون وصول ٿي رهيون آهن، جنهن تي حڪومت پي آءِ اي ۾ 250 نوان پائليٽ ڀرتي ڪرڻ لاءِ خط لکيو آهي.پي آءِ اي جي چيف ڪمرشل آفيسر ٻڌايو ته حڪومت پائليٽن جي نين ڀرتين تي اڃا تائين جواب ناهي ڏنو، سپريم ڪورٽ پي آءِ اي ۾ نين ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪئي آهي.
پاڪستان جي ثانوي اڀرندڙ مارڪيٽ جي حيثيت برقرار
فوجي عدالتن ۾ محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت
سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کانپوءِ چيني سيڙپڪاري واڌ جو امڪان
پاڪستان ۾ اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال
حڪومت اٽو پرڏيهه مان برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي
بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالن جي منظوري
سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: تارڙ
صوبي ۾ پاڻي کوٽ تي وفاق سان اختلاف آهن: شورو
سپريم ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪندڙ 5 جوابدار ٻيهر گرفتار
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 90 پئسا ٿي ويو
راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس جي درخواست، ايس ايڇ او کي نوٽيس
آمريڪا ۽ ان جا حواري مضبوط روس کان ڊڄن ٿا: پوتن
وزيراعليٰ مريم نواز ڪيترن ئي زرعي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪاڪول ۾ قومي رانديگرن جي ٽريننگ شروع
ماڻهن کي ثناءُ ۽ شعيب بابت ڪا به خبر نه هئي، ان ڪري صدمي ۾آهن
اڄوڪي-اخبار-2024-03-28
اڄوڪي-اخبار-2024-03-28
پريا ڪماري پاتال مان ٻاھر ڪئين ايندي
سوشل ميڊيا معلومات تائين رسائي ۽ منتقلي جو اهم ذريعو بڻجي چڪو
ايجنسين جي مداخلت، فل ڪورٽ اجلاس بنا فيصلي ختم، سڀاڻي وزيراعظم ملندو