پٿر دل ماڻهو ئي غزا جي تباهي تي خاموش رهي سگھن ٿا

پٿر دل ماڻهو ئي غزا جي تباهي تي خاموش رهي سگھن ٿا

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) ورسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته غزا ۾ رت سان رڱيل ٻارن جون تصويرون ڏسي ڳوڙها اچي ويندا آهن. روسي صدر پيوٽن پنهنجي بيان ۾ چيو ته پٿر دل ماڻهو ئي غزا جي تباهي تي خاموش رهي سگھن ٿا. غزا ۾ رت سان رڱيل ٻارن جو تصويرون ڏسي ڳوڙها اچي ويندا اهن ۽ وار اڀا ٿي ويندا آهن.هن چيو ته فلسطين ۾ جاري بمباري فوري طور تي نه بيٺي ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگھي ٿي جيڪڏهن ڪنهن کي غزا جي واقعن جو احساس نٿو ٿئي ته ان جي سيني ۾ دل نه پٿر آهي. ان ڳالهه کي سمجهڻ ضرورت آهي ته برائيءَ جي پاڙ ڪٿي آهي ۽ ان برائي ڪيئن جنم ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو