ميرپورماٿيلو(ظھير وسير) النثار پيٽرول پمپ ڀرسان بسم الله ڪالوني مان 22 ڏينهن اڳ پنهنجي ئي گهر مان رات جي وقت اغوا ٿيل ٻن نارين سونيا ۽ سپنا ڀٽي ۽ سندس ڀائر عرفان علي ڀٽي جو اڃان تائين ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. اغوا ٿي ويل پٽ ۽ ٻنهي نارين جي امڙ مسمات منظوران ڀٽي، فرحان ڀٽي پاڪ ڪتاب کڻي سندن لخت جگرن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي جوابدارن خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي متاثر عورت صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ٻن نياڻين سونيا ۽ سپنا ڀٽي جي اغوا جو ڪيس اڄڻ برادري جي گلزار علي اڄڻ سميت نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ٿيل آهي پر ميرپور ماٿيلو پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪائي رهي آهي. هنن الزام هنيو ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي اسان مسڪين آهيون ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن آءِ جي سنڌ، اي آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل سونيا ، سپنا ڀٽي، عرفان علي ڀٽي کي بازياب ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو