پٽ ۽ نياڻين جي بازيابيءَ لاءِ امڙ جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

ميرپورماٿيلو(ظھير وسير) النثار پيٽرول پمپ ڀرسان بسم الله ڪالوني مان 22 ڏينهن اڳ پنهنجي ئي گهر مان رات جي وقت اغوا ٿيل ٻن نارين سونيا ۽ سپنا ڀٽي ۽ سندس ڀائر عرفان علي ڀٽي جو اڃان تائين ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. اغوا ٿي ويل پٽ ۽ ٻنهي نارين جي امڙ مسمات منظوران ڀٽي، فرحان ڀٽي پاڪ ڪتاب کڻي سندن لخت جگرن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي جوابدارن خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي متاثر عورت صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ٻن نياڻين سونيا ۽ سپنا ڀٽي جي اغوا جو ڪيس اڄڻ برادري جي گلزار علي اڄڻ سميت نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ٿيل آهي پر ميرپور ماٿيلو پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪائي رهي آهي. هنن الزام هنيو ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي اسان مسڪين آهيون ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن آءِ جي سنڌ، اي آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته  اغوا ٿيل سونيا ، سپنا ڀٽي، عرفان علي ڀٽي کي بازياب ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو